ڪراچي: اڄ کان 30 مارچ تائين ملڪ جي اڪثر حصن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ مينهن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.موسميات کاتي موجب، سسٽم جي اثر هيٺ، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 25، 26 ۽ 28، 29 مارچ تي مينهن پئجي سگهي ٿو. سکر، دادو، ڪشمور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ ڪشمور ۾ به مينهن جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواه جي مختلف علائقن ۾ مينهن جو امڪان آهي.سسٽم جي اثر هيٺ، پنجاب ۽ اسلام آباد جي مختلف شهرن ۾ به مينهن جو امڪان آهي، ۽ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به مينهن جو امڪان آهي.
تبصرے بند ہیں۔