جنگ، پاڪستان ۾ ڪپهه جي قيمتن تي اثر پوڻ لڳو

اسلام آباد : جاري جنگ جو اثر پاڪستان ۾ ڪپهه جي قيمتن تي به پئجي رهيو آهي.ڪي جي ايف جي چيئرمين احسان الحق چيو آهي ته ڪپهه جي قيمت ۾ 1000 رپيا في من واڌ ٿي آهي ۽ 18000 رپيا في من ٿي وئي آهي. 10 ڏينهن ۾ ڪپهه جي في من قيمت ۾ 1500 رپيا واڌ ٿي آهي.احسان الحق موجب، عالمي منڊي ۾ واڌ جي ڪري مقامي طور تي ڪپهه جي قيمت ۾ به اضافو ٿيو آهي .هن چيو ته ڪپهه جي درآمد جي معطلي سان گڏ، ڪپهه جي قيمتن ۾ واڌ جو رجحان آهي. معياري ڪپهه جي محدود دستيابي پڻ ملڪ ۾ قيمتن ۾ واڌ جو سبب آهي.

تبصرے بند ہیں۔