برسلز: يورپي ملڪن آبنائي هرمز ۾ فوجي ڪارروائي ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪندي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اهي ايران سان جاري ڇڪتان ۾ سڌو سنئون شامل نٿا ٿيڻ چاهين. يورپي يونين جي اجلاس جي موقعي تي جرمني جي پرڏيهي وزير يوهان واڊيصفل چيو آهي ته انهي جو ملڪ موجوده تڪرار ۾ ڪنهن فوجي مشن ۾ شامل ٿيڻ جو ارادو نٿو رکي. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل کي پنهنجي حدفن ۽ حڪمت عملي جي باري ۾ اتحادين کي واضح ڄاڻ فراهم ڪرڻ گهرجي.
جرمني جي دفاع واري وزير بورس پسٽوريٽس به چيو ته انهي جو ملڪ فوجي ڪارروائي ۾ حصو نه وٺندو. پر هو آبنائي هرمز ۾ محفوظ بحري گذر گاهه کي يقيني بنائڻ جي لاءِ سفارتي ڪوششن جي حمايت ڪندو.
برطانيه جي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر به واضح ڪيو ته انهي جو ملڪ هن تڪرار کي نيٽو مشن نٿو سمجهي ۽ اهو وسيع جنگ ۾ شامل نه ٿيندو. البته اتحادين سان مختلف آپشنز تي ڳالهيون جاري آهن. ٻين يورپي ملڪن جيئن نيدر لينڊز، يونان، اٽلي به آمريڪي تجويز تي محتاط رد عمل ڏيندي فوري فوجي ڪارروائي کي مشڪل قرار ڏنو آهي جڏهن ته پولينڊ چيو آهي ته جيڪڏهن نيٽو جي ذريعي باقاعده درخواست آئي ته انهي تي غور ڪيو ويندو.
ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيٽو اتحادين کان آبنائي هرمز ۾ بحري اتحاد قائم ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي ته جيئن عالمي تيل جي ورهاست کي محفوظ بنائي سگهجي. اها آبي گذرگاهه عالمي تيل جي سپلائي جي لاءِ انتهائي اهم سمجهي ويندي آهي جتان کان دنيا جي تقريبن 20 سيڪڙو تيل جي ورهاست ٿيندي آهي.
ماهرن موجب ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب آبنائي هرمز جي صورتحال ڇڪتاڻ واري آهي جنهن جا اثر عالمي توانائي مارڪيٽ تي به پئجي رهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ تيل جون قيمتون وڌي رهيون آهن.
تبصرے بند ہیں۔