هلندڙ جنگ ۾ آسڪر ايوارڊز جي شاندار تقريب

هالي ووڊ فلم ون بيٽل آفٽر اين اڌر  بهترين فلم سميت ڇهه اڪيدمي ايوارڊ حاصل ڪري ورتا آهن۔ آچر ڏينهن آمريڪي شهر لاس اينجلز جي ڊولبي ٿيٽر ۾ ٿيندڙ آسڪر تقريب ۾ هن فلم کي 13 نامزدگيون مليون، جن مان بهترين فلم، ڪاسٽ، معاون اداڪار ۽ بهترين اسڪرِين پلي جا ايوارڊ پڻ شامل هئا۔
رڪارڊ 16 نامزدگيون حاصل ڪندڙ هارر ٿرلر فلم Sinners به بهترين فلم جي ايوارڊ جي ڊوڙ ۾ شامل هئي۔
پر تقريب دوران اسپيني اداڪار Javier Bardem طرفان فلسطين جي حمايت ۾ نعرو هڻڻ تقريب جو مرڪز بڻجي ويو۔
فلم سنرز جي اداڪار Michael B. Jordan کي بهترين اداڪار جو آسڪر مليو۔
فلم Hamlet ۾ William Shakespeare جي زال ايگنس جو ڪردار ادا ڪندڙ آئرش اداڪاره بهترين اداڪاره جو آسڪر حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي۔ فلم Weapons ۾ اداڪاري ڪندڙ اداڪاره Amy Madigan بهترين معاون اداڪاره جو آسڪر حاصل ڪيو۔
فلم ون بيٽل آفٽر اين اڌرجي اداڪار Sean Penn کي بهترين معاون اداڪار جو آسڪر مليو، جڏهن ته بهترين اسڪرِين پلي جو ايوارڊ به ساڳئي فلم جي نالي رهيو۔
ڀارتي اداڪاره پريانڪا چوپڙا پنهنجي مڙس نڪ جوناس سان گڏ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ۽ کين مهمان طور ايوارڊ پيش ڪرڻ لاءِ پڻ دعوت ڏني وئي هئي۔
آمريڪي ٽي وي ميزبان ۽ مزاحيه اداڪار Conan O’Brien هن سال آسڪر تقريب جي ميزباني ڪئي۔ هن کي 2025 ۾ بهترين ڪارڪردگي سبب ٻيهر اها ذميواري ڏني وئي۔
ڪجهه فنڪار جيڪي هن سال جي وڏين فلمن ۾ نظر آيا پر انفرادي طور نامزد نه ٿيا هئا، تن کي به ايوارڊ پيش ڪرڻ لاءِ سڏايو ويو۔ انهن ۾ نڪول ڪڊمين، رابرٽ ڊائوني جونئر، اين هيٿا وي ۽ ڪرس ايونز شامل هئا۔
هن سال آسڪر اهڙي وقت منعقد ڪيا ويا جڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل ايران سان جنگ ۾ آهن، ۽ ان ڇڪتاڻ جا اثر تقريب جي ماحول ۾ به واضح نظر آيا۔
آسڪر جي تاريخ ۾ نامزد ٿيندڙ پهرين ايراني دستاويزي فلم Cracking the Rocks جي هدايتڪارن سارا خاڪي ۽ محمد رضا ريڊ ڪارپٽ تي چيو ته “ايراني عوام هن تڪليف جا حقدار ناهن، اسان هي نامزدگي پنهنجي هم وطنن جي نالي ڪريون ٿا۔”
آمريڪي فلم ساز Paul Thomas Anderson فلم ون بيٽل آفٽر اين اڌرلاءِ بهترين ايڊاپٽڊ اسڪرِين پلي جو آسڪر کٽيو۔ هي سندس پهريون اڪيڊمي ايوارڊ آهي، جڏهن ته ان کان اڳ هو 14 ڀيرا نامزد ٿي چڪا هئا۔
آمريڪي هدايتڪار ۽ پروڊيوسر Ryan Coogler پنهنجي فلم سنرز لاءِ بهترين اوريجنل اسڪرِين پلي جو آسڪر حاصل ڪيو۔
آمريڪي هدايتڪار Chris Appelhans، ڏکڻ ڪوريا-ڪينيڊين اسڪرِين رائيٽر Maggie Kang ۽ پروڊيوسر Michelle Wong فلم K-Pop Warriors لاءِ بهترين اينيميٽيڊ فيچر فلم جو آسڪر کٽيو۔
تقريب دوران هال تڏهن تاڙين سان گونجي اٿيو جڏهن هاويئر بارڊيم “فري فلسطين” ۽ “جنگ نه کپي” جو نعرو هنيو، ۽ ان وقت پريانڪا چوپڙا به ساڻس گڏ موجود هئي۔
هن سال جا آسڪر ڪجهه لحاظ کان غير متوقع به رهيا، خاص ڪري بهترين اداڪار ۽ بهترين معاون اداڪاره جا نتيجا ڪيترن ماڻهن لاءِ حيران ڪندڙ هئا۔
گهڻن ماڻهن جو خيال هو ته ون بيٽل آفٽر اين اڌر۽ سنرز وڌيڪ ايوارڊ حاصل ڪندا، ۽ واقعي ائين ئي ٿيو۔ جيسي هَڪلي کي به ايوارڊ کٽڻ لاءِ فيورٽ سمجهيو پئي ويو، ۽ آخرڪار هوءَ به ڪامياب ٿي وئي۔

تبصرے بند ہیں۔