نئون اسمارٽ فون جيڪو هڪ ڀيرو چارج ٿيندو مهينو هلندو

بيجنگ: اسمارٽ فورنز هاڻ اسان جي زندگي جي لاءِ اهم بڻجي چڪا آهن جن جو هر وقت استعمال ڪيو ويندو آهي، انهي دوران اهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته اوچتو اسمارٽ فون جي بيٽري ختم ٿيڻ لڳي ته ماڻهن جا هوش اڏامي ويندا آهن. حقيقت ۾ ماڻهن کي پنهنجو فون روزانه گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو ته چارج ڪرڻو پوندو آهي. پر هاڻ هڪ اهڙو نئون اسمارٽ فون سامهون آيو آهي جنهن کي روزاني جي بجاءِ مهيني ۾ صرف هڪ ڀيرو چارج ڪرڻ جي ضرورت پوندي.جي ها واقعي ۾ هڪ ڪمپني انرجائزر طرفان نئون اسمارٽ فون پي 320 جي ايپڪس جي بيٽري لائف حيران ڪندڙ آهي. انهي فون جي اندر 30 هزار ايم اي ايڇ جي طاقتور بيٽري ڏني وئي آهي. جيڪا لاڳيتو استعمال ۽ اسٽينڊ هاءِ موڊ ۾ هڪ مهيني تائين بنا ڪنهن چارج جي ڪم ڪري سگهي ٿي.فون سان گڏ 66 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي ته جيئن وڏي بيٽري جي باوجود انهي کي ڪنهن حد تائين جلد کان جلد چارج ڪري سگهجي. انهي فون جو ڊسپلي 6.95 انچ جو آهي جيڪو واٽر ۽ ڊسٽ پروف آهي جڏهن ته ڊيوائس جي اندر 12 جي ريم ۽ 512 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي.فون جي بيڪ تي 200 ميگا پڪسل مين ڪيمرا سان گڏ 50 ميڪا پڪسل ۽ 2 ميگا پڪسل ڪيمرا ڏنا ويا آهن. اهو فون جون 2026 کان پوءِ 399 يورو ۾ وڪرو جي لاءِ پيش ڪيو ويندو.

تبصرے بند ہیں۔