لڪي مروت ۾ ڌماڪو، ايس ايڇ او سميت 7 اهلڪار شهيد

لڪي مروت :  لڪي مروت جي قبائلي سب ڊويزن بتني ۾ پوليس موبائل ويجهو ڌماڪي ۾ هڪ ايس ايڇ او سميت ست اهلڪار شهيد ٿي ويا.لڪي مروت پوليس جي ترجمان چيو ته پوليس موبائل تي ڌماڪي ۾ ڇهه اهلڪار شهيد ۽ هڪ زخمي ٿيو. زخمي اهلڪار کي انصاف الدين اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو به زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.پوليس ترجمان موجب، ڌماڪيدار مواد پوليس موبائل جي ويجهو نصب ڪيو ويو هو. ڌماڪي کان پوءِ علائقي ۾ اضافي پوليس اهلڪار موڪليا ويا آهن.پوليس موجب، شادي خيل پوليس اسٽيشن جو ايس ايڇ او صدر اعظم به شهيد ٿيلن ۾ شامل آهي.

تبصرے بند ہیں۔