سوراب بيدي ملائڪا سان لاڳاپن جي خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي : ڀارتي ماڊل سوراب بيدي بالي ووڊ اداڪارا ملائڪا اروڙا سان ڊيٽنگ جي افواهن تي پنهنجي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.ڀارتي ميڊيا موجب، ملائڪا اروڙا ۽ سورڀ بيدي جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي جنهن ۾ ٻئي گڏ نظر اچي رهيا هئا.وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ افواهون گردش ڪرڻ لڳيون ته اداڪارا شايد سورڀ بيدي سان رشتي ۾ آهي، جنهن تي ٻنهي شروعات ۾ ڪو به جواب نه ڏنو، پر هاڻي ڀارتي ماڊل پنهنجو رد عمل ظاهر ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾، سورڀ بيدي ڊيٽنگ جي خبرن کي رد ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڪيئن هن جي ملائڪا اروڙا سان دوستي ٿي.هن چيو ته ماڊل مئنيجمينٽ ۽ بيڪ اسٽيج ڊائريڪٽر دلناز دارو والا ۽ وهبز مهتا ماڊلنگ جي شروعاتي ڏينهن ۾ منهنجي تمام گهڻي مدد ڪئي ۽ مون کي ماڊلنگ جو موقعو ڏنو، جنهن دوران مان ملائڪا اروڙا سان تمام سٺي دوست بڻجي ويس.

تبصرے بند ہیں۔