خطي جي ٻين ملڪن سان تڪرار ۾ پوڻ جو ڪوبه ارادو نه آهي: ايراني صدر جون شهباز شريف سان ڳالهيون

تهران:  ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته ايران جو خطي جي ٻين ملڪن سان ڪنهن به تڪرار ۾ پوڻ جو ڪوبه ارادو نه آهي. ايراني ميڊيا موجب ايران جي صدر مسعود پزشڪيان وزيراعظم شهباز شريف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.

ڳالهين دوران مسعود پزشڪيان چيو ته عالمي برادري جنگ جي ذميوارن تي ڌيان نٿي ڏيڻ چاهي عالمي نظام ۽ سيڪيورٽي کي سنگين خطرا پيش اچي سگهن ٿا.

ايراني صدر چيو ته ايران جو خطي جي ٻين ملڪن سان ڪنهن به تڪرار ۾ پوڻ جو ڪوبه ارادو نه آهي. ياد رهي ته انهي کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف ايران جي نئين چونڊيل سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنائي کي خط به لکيو هو.

وزيراعظم آيت الله خامنائي جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ هن ايران جي پاڙيسري عوام ۽ مسلمان امت جي لاءِ پاڪستاني عوام طرفان تعزيت ۽ دعائن جو اظهار ڪيو.

تبصرے بند ہیں۔