اسلام آباد: ملڪ ۾ فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي جي باقاعده شروعات ڪئي وئي آهي. تفصيل موجب شروعاتي طور تي ملڪ جي 5 شهرن ۾ فائيو جي جي فراهمي لاءِ نيلامي ڪئي پئي وڃي. نيلامي جو پهريون رائونڊ مڪمل ٿي ويو آهي. پهرين مرحلي جا نتيجا جاري ڪيا ويا آهن.
هرين مرحلي ۾ 2600 ميگا برٽربينڊ ۾ 190 ميگا برٽز اسپيڪٽرم آهي. 110 ميگا برٽز جي اضافي طلب آهي، ٻئي مرحلي ۾ اسپيڪٽرم جي قيمت ۾ پنج سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. پهرين مرحلي ۾ 35 ميگا برٽز بينڊ ۾ 280 ميگا برٽز اسپيڪٽرم هو جڏهن ته 200 ميگا برٽز جي ڊيمانڊ آئي آهي.
نيلامي جو ٻيون رائونڊ به مڪمل ڪيو ويو آهي. ڊي جي لائسنسنگ عامر شهزاد نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. 2600 مان سوئچ ڪري 700 ۾ هليا ويا آهن. 2600 مان 7 لاٽس وڌيڪ آهن. اڃان به ڊيمانڊ وڌيڪ آهي. انهي لاءِ قيمت وڌائي ويندي.
نيلامي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين پي ٽي اي حفيظ الرحمان چيو ته اهو ڊيجيٽل هاءِ وي پاڪستان جو انجڻ آهي. وفاقي وزير آءِ ٽي شزه فاطمه چيو ته اڄ پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي جو انقلاب اچي رهيو آهي. اسان اهڙن ملڪن ۾ شامل ٿي رهيا آهيون جيڪي فائيو جي استعمال ڪري رهيا آهن.
وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب به نيلامي جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ چيو ته انهي نيلامي لاءِ حڪومت پورو ايڪو سسٽم ڏنو آهي. اسان بلاڪ چين اي آءِ جي نئين انڊسٽري طرف وڌي رهيا آهيون.
ناڻي واري وزير فائيو جي اسپيڪٽرم آڪشن کي پاڪستان جي ڊيجيٽل معيشت لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏئي ڇڏيو ته جيئن فائيوجي ٽيڪنالاجي سان تيز، سستي ۽ بهتر ڊيجيٽل سروسز ميسر ايندي. فائيوجي نيلامي جو سلسلو ورچوئلي جاري آهي. نيلامي آن لائن ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ ملڪ جون 3 وڏيون موبائل ڪمپنيون شريڪ آهن.
تبصرے بند ہیں۔