اسلام آباد: وچ اوڀر ۾ جنگ سبب پيدا ٿيل صورتحال جي حوالي سان پاڪستان اهم قدم کڻندي سعودي عرب کان ڊگهي وقت تائين اقتصادي تعاون جي لاءِ رابطو ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب پاڪستان سعودي عرب کي ڊگهي وقت تائين اقتصادي تعاون جون 8 درخواستون ڪري ڇڏيون آهن جن ۾ موجوده 5 ارب ڊالر جي ذخيرن کي 10 سالن جي ڊگهي وقت جي سهوليت ۾ تبديل ڪرڻ به شامل آهي. پاڪستان سعودي عرب جي حڪومت کان ڊيفرڊ ادائيگي جي تحت تيل جي سهوليت کي 1.2 ارب ڊالر مان وڌائي 5 ارب ڊالر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.
انهي کان علاوه انهي جي مدي ۾ اضافو ڪرڻ پرڏيهي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي رقم 10 ارب ڊالر جي سيڪيورٽائزيشن ڪرڻ ۽ ٻيا معاملا شامل آهن.
ياد رهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف کان 7 ارب ڊالرن جي ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي(اي ايف ايف جي تحت ٽئين جائزي جي تڪميل جي لاءِ ڳالهيون ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب پهريان ئي جامع اقتصادي تعاون جي پيڪيج تي ڳالهيون ڪري رهيا هئا.
تبصرے بند ہیں۔