آيت الله خامنائي جو پٽ مجتبيٰ خامنائي ايران جو نئون سپريم ليڊر مقرر

تهران:  ايراني سرڪاري ميڊيا موجب آيت الله خامنائي جي پٽ مجتبيٰ خامنائي کي ايران جو نئون سپريم لينڊر مقرر ڪيو ويو آهي.

ايران جي مجلس خبرگان قوم کان اتحاد برقرار رکڻ ۽ ايراني عوام کان نئين سپريم ليڊر سان وفاداري جو عهد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

ايراني مجلس خبرگان جو چوڻ آهي ته موجوده حالتن ۾ قومي اتحاد ۽ يڪجهتي تمام گهڻو ضروري آهي. رپورٽن موجب مجتبيٰ خامنائي ڪڏهن ڪنهن سرڪاري عهدي جي لاءِ چونڊ نه وڙهي ۽ نه ئي هو عوامي ووٽ جي ذريعي چونڊيو هو. پر هو ڪيترن ڏهاڪن کان سپريم ليڊر جي ويجهن حلقن ۾ هڪ بااثر شخصيت سمجهيو ويندو آهي ۽ انهي جا پاسداران انقلاب سان به گهرا لاڳاپا ٻڌايا وڃن ٿا.

56 ورهين جي مجتبيٰ خامنائي به جانيشيني جي معاملي تي ڪڏهن به کليل طريقي سان نه ڳالهايو آهي. ايران ۾ عوام مجتبيٰ خامنائي جي سپريم ليڊر چونڊجڻ تي جشن ملهائيندي روڊن تي نڪري آئي.

ياد رهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ خبردار ڪيو هو ته نئين ايراني سپريم ليڊر جي حوالي سان اسان کان منظوري وٺڻي پونمدي. جيڪڏهن  انهي کي اسان جي طرفان منظوري نٿي ملي ته اهو وڌيڪ دير تائين عهدي تي نه رهندو. انهي کان علاوه اسرائيل به خبردار ڪيو هو ته نئين ايراني سپريم ليڊر کي به نشانو بنائي سگهجي ٿو.

 

تبصرے بند ہیں۔