ورلڊ ڪپ کٽڻ کان پوءِ ڀارتي رانديگر جي گرل فرينڊ سان نڪتل تصوير جا سوشل ميڊيا تي چرچا

ڪوالڪته:  سوشل ميڊيا تي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽڻ کان پوءِ ڀارتي رانديگر ايشان ڪشن جي پنهنجي گرل فرينڊ اديتي هنڊيا سان تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.

ڀارت جي نرينڊر مودي اسٽيڊيم احمد آباد ۾ کيڏيل آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جي فائنل دوران هڪ خوبصورت لمحو ڏسڻ  لاءِ مليو جڏهن ڀارتي رانديگر ايشان ڪشن ميدان ۾ پنهنجي مبينه گرل فرينڊ اديتي هنڊيا سان نظر آيو.

مشهور رانديگر پنهنجي ٽيم جي فتح جو جشن ملهايو جڏهن ته اديتي اسٽيڊيم ۾ موجود اسٽينڊز مان انهي سان گڏ جشن ۾ شريڪ ٿي. ٻنهي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي ويون. جنهن کان پوءِ مداح انهي ماڊل جي باري ۾ ڄاڻڻ جي لاءِ تجسس ۾ پئجي ويا جيڪي اڪثر ايشان ڪشن جي ميچز ۾ انهي جي حوصله افزائي ڪندي نظر ايندي آهي.

اديتي هنڊيا  پنهنجي ڪيريئر جي شروعات هڪ فيشن ماڊل جي طور تي ڪيو هو، جيڪا بعد ۾ جئي پور ۾ رهندي بطور ڪاروباري شخصيت جي طور تي به ڪم شروع ڪيو. 2019 ۾ مس ديوا سپرانيشنل 2018 جو ٽائٽل کٽڻ سان انهي جي شهرت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو جنهن انهي کي  پروفيشنل ماڊلنگ جي دنيا ۾ مضبوط مقام ڏياريو.

انهي کان پوءِ اديتي هنڊيا هڪ فيشن ماڊل، سوشل ميڊيا انفلوئنسر ۽ مختلف برانڊرز جي سفير جي طور تي ڪم ڪري رهي آهي جڏهن ته انسٽاگرام سميت ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي انهي جا وڏي تعداد ۾ فين فالوونگ موجود آهن. ڀارتي رانديگر ايشان ڪشن ۽ اديتي هنڊيا جي وچ ۾ لاڳاپن جون افواهون پهريون ڀيرو 2019 جي انڊين پريميئر ليگ(آءِ پي ايل) جي دوران سامهون آيون. انهي وقت اديتي کي ڪيترن ئي ميچز ۾ اسٽيڊيم ۾ ويهي ايشان ڪشن جي حمايت ڪندي ڏٺو ويو هو.

 

تبصرے بند ہیں۔