پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ تي ٽرانسپورٽرز جو رد عمل سامهون اچي ويو، 20 سيڪڙو ڪرايو وڌائڻ جو اعلان

اسلام آباد:  پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي اضافي تي صدر پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس ملڪ شهزاد اعواڻ سخت رد عمل ڏيندي چيو آهي ته سموري ملڪ ۾ مال بردار گاڏين جي ڪراين ۾ 20 سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ملڪ شهزاد اعوان چيو ته گذريل ٻن مهينن جي دوران ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر 78 روپيه جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ 68 روپيه في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي جنهن سبب ٽرانسپورٽرز جي خرچن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن پيٽروليم شين جي قيمن ۾ اضافو ڪنهن مجبوري جي تحت ڪيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت کي گهرجي ته ٽول ٽيڪس سميت ٻين ٽيڪسز ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ته جيئن ٽرانسپورٽرز کي ڪجهه رليف ملي سگهي.

هن چيو ته ملڪ جي نازڪ معاشي صورتحال جي باوجود ٽرانسپورٽرز امپورٽ، ايڪسپورٽ ۽ ڪاروباري سرگرمين کي جاري رکيو ويو آهي پر پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ مسلسل اضافي سان نه صرف ٽرانسپورٽرز پر هر پاڪستاني متاثر ٿيندو آهي انهي سان مهانگائي جو نئون طوفان ايندو آهي.

ملڪ شهزاد اعواڻ چيو ته وفاق ۽ پنجاب حڪومت جي غلط پاليسين سبب ٽرانسپورٽرز کي ماضي ۾ 10 ڏينهن جي ملڪ گير هڙتال به ڪرڻي پئي هئي. شهزاد اعواڻ موجب هڙتال جي دوران پنجاب جي سينئر وزير مريم اورنگزيب ۽ پنجاب جي ٽرانسپورٽ واري وزير بلال اڪبر سان ٿيل معاهدن تي اڃان تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي وزير مواصلات عبدالعليم خان طرفان ڪيل واعدن تي به عمل نه پيو ڪيو وڃي.

صدر پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس مطالبو ڪيو ته وفاقي، پنجاب ۽ سنڌ حڪومتون ٽرانسپورٽرز سان ڪيل معاهدن تي فوري عمل ڪن، ٻئي صورت ۾ جيڪڏهن پاليسين تي نظر ثاني نه ڪئي وئي ته سموري پاڪستان ۾ ٽرانسپورٽ بند ڪئي ويندي جنهن جي سموري ذميواري وفاقي حڪومت تي لاڳو هوندي.

تبصرے بند ہیں۔