اسلام آباد: حڪومت آءِ ايم ايف جو مطالبو پورو ڪندي پيٽروليم ليوي جي قيمت ۾ به وڏو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي کان پوءِ حڪومت طرفان پيٽرول جي قيمت ۾ 32 روپين جي بجاءِ 55 روپيه اضافو ڪرڻ جو سبب سامهون اچي ويو آهي.
پيٽروليم واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم جي دٻاءُ تي پيٽروليم ڊوالپمينت ليوي به وڌائي وئي آهي. حڪومت پيٽرول تي لڳايل پيٽروليم ڊوالپمينٽ ليوي ۾ 20 روپيه في ليٽر جي حساب سان اضافو ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪندي صرف عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ اضافي کي عوام تي منتقل نه ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن صرف عالمي منڊي ۾ اضافي کي منتقل ڪرڻو هجي ته پيٽرول 32 کان 35 روپيه في ليٽر تائين مهانگو ٿيندو. پيٽرول تي پيٽروليم ڊوالپمينٽ ليوي 85 روپين مان وڌائي 105 روپيه في ليٽر ڪئي وئي آهي.
تبصرے بند ہیں۔