ايڪس پاران جنگ سان لاڳاپيل AI وڊيوز هٽائڻ جو اعلان

لنڊن:  سوشل ميڊيا ايپ ايڪس جنگ سان لاڳاپيل اي آءِ وڊيوز کي هٽائڻ جو اعلان ڪيو آهي.ايڪس انتظاميا موجب، جنگ دوران عوام کي مستند معلومات فراهم ڪرڻ هڪ اولين ترجيح آهي، اي آءِ سان ٺاهيل مواد ماڻهن کي گمراهه ڪري سگهي ٿو.ايڪس انتظاميا جو چوڻ آهي ته صارفين کي اي آءِ وڊيوز شيئر ڪرڻ سان گڏ ان بابت لکڻو پوندو، ۽ ريفرنس کان سواءِ اي آءِ وڊيوز شيئر ڪرڻ سان ڪمائي معطل ٿي سگهي ٿي.

تبصرے بند ہیں۔