تهران: آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران تي حملن کان پوءِ تهران جي جوابي حملن جي نتيجي ۾ وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ شدت اختيار ڪري وئي، ايراني فوج طرفان بحرين ۾ آمريڪي بحرين جي هيڊ ڪوارٽر ۽ فوجي اڏن تي حملن جي نتيجي ۾ 160 آمريڪين جي مارجي وڃڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ مارجي ويل ماڻهن جو انگ 787 ٿي ويو جڏهن ته ايران جي اسرائيل سميت عرب ملڪن ۾ قائم آمريڪي بيسز ۽ سفارتخانن تي حملا جاري آهن. ايراني ميڊيا موجب چئن ڏينهن کان جاري اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن ۾ انهن جا 787 شهري مارجي چڪا آهن. سوين زخمي آهن اهي انگ اکر ايراني ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي پيش ڪيا آهن.
انساني حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ آمريڪي بيسڊ تنظيم موجب تازن حملن ۾ ايران ۾ 742 شهري مارجي چڪا آهن جن مان 176 ٻار آهن. اسرائيلي ميڊيا رپورٽ ڪيو آهي ته شهيد آيت الله علي خامنائي جي پٽ مجتبيٰ خامنائي کي ايران جو نئون سپريم ليڊر چونڊيو ويو آهي. پر انهي خبر جي اڃان تائين ايراني سرڪاري حلقن طرفان باضابطه تصديق نه ڪئي وئي آهي.
ايراني ميڊيا پاسداران انقلاب جي حوالي سان خبر ڏني آهي ته سپريم ليڊر جي چونڊ جي لاءِ مجلس خبرگان جو اجلاس جاري آهي، نئين سپريم ليڊر جي چونڊ ۾ تقريبن هڪ هفتو لڳي سگهي ٿو. رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته اهو فيصلو ايران جي مذهبي، سياسي قيادت جي اندروني مشاورتي عمل کان پوءِ سامهون آيو پر سرڪاري ذريعا خاموش آهن جنهن سبب صورتحال غير واضح آهي.
ٻئي طرف اسرائيل دفاع واري ڌمڪي ڏني آهي ته اسرائيلي فوج خامنائي کان پوءِ مقرر ڪيل ڪنهن به جانشين کي نشاني تي رکندي. ايران اسرائيل جي خلاف ميزائلن ۽ ڊرونز سان تازو حملو ڪري ڏنو آهي جڏهن ته ايران پاسداران انقلاب آپريشن واعده صادق 4 جي 16هين لهر شروع ڪرڻ جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ميزائلن حملن سان گڏوگڏ وڏي تعداد ۾ ڊرونز به اسرائيل طرف روانا ڪيا ويا آهن.
تبصرے بند ہیں۔