ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي امڪاني کوٽ جو امڪان، وزيراعظم کي خط

اسلام آباد:   ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي امڪاني کوٽ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي جنهن تي آل پاڪستان پيٽرول پمپ اونرز ايسوسيئيشن طرفان وزيراعظم کي خط لکيو ويو آهي.

خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آئل مارڪينگ  ڪمپنين طرفان ڪوٽه سسٽم لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن سبب پيٽرول پمپس کي گهربل مقدار ۾ تيل فراهم نه پيو ڪيو وڃي.

پيٽرول پمپ اونرز ايسوسيئيشن خط ۾ چيو آهي ته آرڊرز ڏيڻ جي باوجود آئل سپلاءِ دير جو شڪار آهي ۽ ٽينڪرس ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻ تي مجبور آهن. خط موجب انهي صورتحال سبب مصنوعي کوٽ پيد اٿيڻ سبب عوام ۾ خوف حراس پکڙجڻ جو امڪان آهي.

ايسوسيئيشن حڪومت کان فوري مداخلت جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته آل ڪمپنين کي ڪنهن به قسم جون پابنديون لاڳو ڪرڻ کان اڳ مشاورت جو پابند بنايو وڃي. پيٽرول پمپ مالڪان پيٽروليم شين جي فراهمي فوري طور تي بهتر بنائڻ جي اپيل به ڪئي آهي ته جيئن امڪاني کوٽ ۽ عوامي پريشاني کان بچي سگهجي.

تبصرے بند ہیں۔