عطاءُالله تارڙ افغان طالبان خلاف جاري آپريشن غضب للحق جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد:  وفاقي اطلاعات واري وزير عطاءُالله تارڙ افغان طالبان جي خلاف جاري آپريشن غضب للحق جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن.

عطاءُالله تارڙ موجب افغان طالبان اتر بلوچستان ۾ قلعه سيف الله، نوشڪي ۽ چمن ضلعن ۾ 16 هنڌن تي زميني حملا ڪيا، بلوچستان ۾ افغان طالبان 25 هنڌن تي پاڪ فوج جي خلاف فائر ريڊ جون ڪارروايون ڪيون پر بلوچستان ۾ سمورن هنڌن تي حملن کي موثر طور تي ناڪام بنايو ويو.

هن ٻڌايوته بلوچستان ۾ افغان طالبان جا 27 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا جڏهن ته ملڪ جو دفاع ڪندي ايف سي بلوچستان نارٿ جو هڪ جوان شهيد جڏهن ته 5 زخمي ٿي پيا. عطاءُالله تارڙ وڌيڪ ٻڌايو ته خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هنڌ تي زميني حملي جي ڪوشش ڪئي وئي،

اطلاعات واري وزير چيو ته صوبي ۾ 12 هنڌن تي فائر ريڊ ڪيو ويو جنهن کي بنا ڪنهن نقصان جي ناڪام بنايو ويو. جڏهن ته خيبرختونخواهه ۾ سموري رات جاري ڪارروائين جي دوران افغان طالبان جا 50 ويڙهاڪ مارجي ويا.  وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته فالو ال آپريشن اڃان تائين جاري آهي، آپريشن جا تفصيلي اپڊيٽ ڪجهه وقت ۾ جاري ڪيا ويندا.

تبصرے بند ہیں۔