آپريشن غضب للحق: پاڪ فوج جون 50 مختلف هنڌن تي ڪارروايون، دشمن جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه

راولپنڊي: آپريشن غضب للحق جي تحت پاڪ افغان سرحد تي افغان طالبان، فتنته الخوارج ۽ فتنته الهندستان جي خلاف پاڪ فوج جون ڪارروايون جاري آهن.

سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج 50 مختلف هنڌن تي افغان طالبان، فتنته الخوارج ۽ فتنته الهندستان جي ٺڪاڻن کي نشانو بنائي انهي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. پاڪ فوج طرفان 3 ۽ 4 مارچ جي رات دير سان ڳرن هٿيارن جو استعمال ڪندي ڪارروايون ڪيون ويون.

پاڪ فوج قلعه سيف الله سميت چمن، سميازه، گهڊواله، جاني ۽ غذنالي سيڪٽر تي به ڪارروايون ڪيون. اهڙن هنڌن کي سرحد پار کان دهشتگردي جي لاءِ استعمال ڪيو پئي ويو. اهڙين ڪارروائين جي دوران افغان طالبان، فتنته الخوارج ۽ فتنته الهندستان کي ڳرو جاني ۽ مالي نقصان پهچائڻ جا اطلاع آهن.

پاڪ فوج افغان طالبان جي جارحيت خلاف ملڪي خودمختاري ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. آپريشن غضب للحق جي تحت ڪارروايون  طئي ٿيل حدفن کي مڪمل حاصل ڪرڻ تائين جاري رهنديون.

 

 

 

تبصرے بند ہیں۔