سپريم ليڊر جي شهادت تي مغفرت جي دعا، سينيٽ اجلاس ملتوي

اسلام آباد : سينيٽ جي اجلاس ۾ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي شهادت تي مغفرت جي دعا ڪئي وئي. سينيٽ اجلاس دوران مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجه ناصر عباس مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ مسلم امت جي اتحاد لاءِ خاص دعا ڪرائي. سينيٽ ميمبرن مرحوم جي ديني ۽ ملي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي سندس لاءِ فاتحه خواني ڪئي. سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجه ناصر عباس چيو آهي، ته دنيا هن وقت نازڪ دور مان گذري رهي آهي ۽ عالمي طاقتن جون پاليسيون خطي ۾ عدم استحڪام کي وڌائي رهيون آهن. سُومر ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ سندس چوڻ هو ته آمريڪا ۾ اهڙو شخص اقتدار ۾ اچي ويو آهي جيڪو طاقت جي زور تي عالمي نظام هلائي رهيو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ دنيا ۾ بي يقيني واري ڪيفيت پيدا ٿي رهي آهي. هن چيو ته اسان دنيا جي حساس ترين خطي ۾ رهون ٿا، جتي هر اڳڀرائي جا اثر سڌي ريت محسوس ڪيا ويندا آهن. هن چيو ته پاڙيسري ملڪن ايران کي ڳالهين جو مشورو ڏنو جنهن کان پوءِ ايران آمريڪي سان ڳالهين جي شروعات ڪئي. جنيوا ۾ ٿيل ڳالهين جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته اطلاعن موجب ڳالهيون هاڪاري انداز ۾ اڳيان وڌي رهيون هيون ۽ ايران جو مسئلو ايٽم بم ٺاهڻ نه هو. علامه راجه ناصر عباس آمريڪا ۽ اسرائيل پاران آيت الله خامنه اي جي آفيس تي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو ته اهو قدم ناقابل قبول آهي. هن جو چوڻ هو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي ڳالهين تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي. ماضي ۾ به هنن ڌوڪو ڏنو هو. هن چيو ته امام خميني ۽ آيت الله خانه اي اڳ ۾ ئي واضح ڪري چڪا هئا ته ايران ڪيميڪل هٿيار نه ٺاهيندو. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اسرائيل جي جارحيت کي نه روڪيو ويو ته هن جي همٿ ۾ اضافو ٿيندو. هن گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل جهڙن عالمي ادارن جي غير موثر ڪارڪردگي تي به سوال اٿاريندي چيو ته ماضي ۾ عالمي تڪرار انهن فورمز تي کنيا ويندا هئا پر هاڻي عالمي فيصلا ڪجهه شخصن جي خواهشن موجب ٿيندي ڏسجي رهيا آهن. علامه راجه ناصر عباس چيو ته ايران جو معاملو صرف هڪ ملڪ جو ناهي پوري مسلمان امت جو مسئلو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ايران ڪمزور ٿيو ته ان جا اثر خطي جي ٻين ملڪن تائين پهچي سگهن ٿا. هن آمريڪا جي قدمن جي ڀرپور مذمت ڪندي مطالبو ڪيو ته عالمي برادري خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري.سينيٽ جو اجلاس اڱارو 3 مارچ جي صبح ساڍي 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. سُومر ڏينهن اجلاس سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس دوران ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ سينيٽ چيئرمين اجلاس اڱاري جي صبح جو ساڍي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

تبصرے بند ہیں۔