ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جا حملا، ڊرونز ۽ ميزائلن سان جوابي ڪاروائي

ڪراچي: مريڪا ۽ اسرائيل ايران تي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن، جتي صدر ڊونلڊ ٽرمپ “وڏين فوجي ڪارروائين” جي تصديق ڪندي حڪومت جي تبديلي جو مطالبو ڪيو آهي۔ رپورٽن موجب ايران جي سپريم ليڊر جي آفيس، تهران ۾ صدارتي آفيس ۽ ملڪ ڀر جي فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو۔

ايراني سرڪاري ميڊيا ٻڌايو ته هڪ ڇوڪرين جي اسڪول تي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 53 ٻارڙيون مارجي ويون آهن. جوابي ڪارروائي طور ايران اسرائيل تي حملا شروع ڪيا آهن، ان سان گڏوگڏ ايران، بحرين ۾ آمريڪي فوجي اڏي، گڏيل عرب امارات، ڪويت، قطر ۽ سعودي عرب تي به حملا ڪيا آهن. جڏهن ته ايراني حملن سان لاڳاپيل نقصان جون خبرون خليج علائقي مان پڻ مليون آهن، جن ۾ قطر، گڏيل عرب امارات ۽ ڪويت شامل آهن۔

گڏيل عرب امارات، بحرين ۽ قطر ۾ ڌماڪن کان پوءِ اختيارين دبئي جي هوائي اڏن ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ سڀ اڏامون معطل ڪري ڇڏيون آهن، ۽ عملدار صورتحال تي ويجهي نظر رکي رهيا آهن۔

ٽرمپ ايراني عوام کي چيو آهي ته هو ٻاهر نڪرن ۽ ايران جي حڪومت تي “قبضو ڪن”، ۽ سندن لاءِ ايراني رجيم تبديل ڪرڻ جو موقع آهي جيڪو صدين ۾ ملندو آهي.

ايراني ميديا چيو آهي ته سندن رهبر، صدر ۽ قيادت محفوظ آهي. حڪومت جي اپيل تي تهران شهر مان وڏي پيماني تي لڏ پلاڻ ٿي آهي.

سعودي عرب، يو اَي اِي، بحرين ٻين عرب ملڪن ايراني حملن جي مذمت ڪندي ٻڌايو آهي سندن دفاعي نطامن ايراني ڊرونز ۽ ميزائيلن کي فضا ۾ ئي تباهه ڪيو آهي. ابو ظهبي ۾ ملبي سبب هڪ پاڪستاني شهري مارجي ويو آهي.

ايران ۾ ڪٿي ڪٿي حملا ٿيا آهن؟

ڪيترائي ميزائل تهران ۾ يونيورسٽي اسٽريٽ ۽ جمهوري علائقي ۾ ڪريا آهن، فارس نيوز ايجنسي رپورٽ ڪيو آهي ته ايران جي اسلامي انقلابي گارڊ ڪور جي هيڊڪوارٽر جي ويجهو به ميزائيل حملا ٿيا آهن.

ايسوسيئيٽڊ پريس نيوز ايجنسي موجب ايران جي گادي واري شهر ۾ ٿيل هڪ حملو سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي آفيسن جي ڀرسان ٿيو۔

ايران جي نيم سرڪاري تسنيم نيوز ايجنسي ٻڌايو ته تهران جي اترئين سيد خندان علائقي ۾ به ڌماڪا ٿيا۔

مقامي ميڊيا موجب ڪرمانشاهه، قم، تبريز، اصفهان، ايلام ۽ ڪرج شهرن سميت لورستان صوبي ۾ به ڌماڪن جون خبرون مليون آهن۔

ايران تي آپريشن جي منصوبابندي مهينا اڳ ڪئي وئي هئي، اسرائيلي دفاعي عهديدار
هڪ اسرائيلي دفاعي عهديدار جو چوڻ آهي ته ايران ۾ اسرائيل جو آپريشن آمريڪا جي تعاون سان جاري آهي، ايران تي آپريشن جي منصوبابندي مهينا اڳ ڪئي وئي هئي، ايران تي حملي جي تاريخ هفتا اڳ طئي ڪئي وئي هئي.ميڊيا رپورٽن موجب، ايران جو روحاني اڳواڻ آيت الله خامنه اي تهران ۾ موجود ناهي، آيت الله خامنه اي کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حملي کان پوءِ ايران پنهنجي هوائي حدون بند ڪري ڇڏيون آهن، ۽ عراق پڻ هوائي ٽرئفڪ کي معطل ڪري ڇڏيو آهي.

ايران پاران قطر، ڪويت، بحرين ۽ يو اي اي ۾ آمريڪي اڏن کي نشانو بڻائڻ جي تصديق

ايران تصديق ڪئي آهي ته ان قطر ۾ العديد ايئر بيس ۽ ڪويت ۾ السليم ايئر بيس کي نشانو بڻايو آهي.عرب ميڊيا موجب، ايران تصديق ڪئي آهي ته ان يو اي اي ۾ الدفرا ايئر بيس ۽ بحرين ۾ بحري ايئر بيس کي نشانو بڻايو آهي.يو اي اي جي سرڪاري نيوز ايجنسي موجب، ايراني ميزائل حملي ۾ هڪ شخص مارجي ويو، جڏهن ته يو اي اي ڪيترن ئي ايراني ميزائلن کي روڪيو.يو اي اي جو چوڻ آهي ته حملو قومي خودمختياري ۽ بين الاقوامي قانون جي کليل خلاف ورزي آهي، ۽ يو اي اي هن جارحيت جو جواب ڏيڻ جو پورو حق محفوظ رکي ٿو.

تبصرے بند ہیں۔