مهانگائي برداشت ناهي ، ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارواين جو حڪم

ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هو رمضان ۾ قيمتن ۾ واڌ برداشت نه ڪند س ۽ ذخيرو ڪندڙن ۽ منافع خورن سان سختي سان پيش اينداسين،سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو هڪ اهم اجلاس ٿيو.مراد علي شاهه سخت قيمتن تي ضابطو رکڻ جو حڪم ڏنو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي فيلڊ ۾ سرگرم رهڻ جي هدايت ڪئي.هن چيو ته سرڪاري اگهن تي عوام کي شين جي فراهمي هر قيمت تي يقيني بڻائي وڃي.چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته رمضان دوران قيمتن ۾ واڌ خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، 870 دڪانن جي چيڪنگ ڪئي وئي، جڏهن ته 2.4 ملين رپين جو جرمانو لڳايو ويو آهي، سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته ذخيرو ڪندڙن ۽ منافع خورن سان سختي سان پيش ايندو، رمضان دوران عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.

تبصرے بند ہیں۔