ڊيل نه ٿي ته اهو ايران لاءِ تمام خراب ڏينهن هوندو: ٽرمپ

واشنگٽن : آمريڪي صدر ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو معاهدو نه ٿيو ته اهو ايران لاءِ تمام خراب ڏينهن هوندو.ساڳئي وقت هڪ آمريڪي عهديدار جي مطابق، ٽرمپ جا خاص نمائندا اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڊچنر خميس ڏينهن جنيوا ۾ ايراني وفد سان ملاقات ڪندا.ٻئي طرف، ايران ۾ حڪومت مخالف مظاهرين کي چيو ويو آهي ته اهي صدر ٽرمپ جي ايندڙ قدمن جو انتظار ڪن.هڪ عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب، ايران ۾ حڪومت مخالف مظاهرين کي ايس ايم ايس پيغام مليا آهن، جن ۾ انهن کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ايندڙ قدمن جو انتظار ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي.

تبصرے بند ہیں۔