اربين روپين جو ضبط ٿيل سون ۽ چاندي اسٽيٽ بينڪ ۾ جمع نه ڪرائڻ جو انڪشاف

اسلام آباد:پاڪستان ڪسٽمز جي مختلف ڪلڪٽريٽس ۾ اربين روپين جي ماليت جو ضبط ٿيل سون ۽ چاندي اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۾ جمع نه ڪرائڻ جو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي.

ذريعن موجب ايف بي آر ڪسٽمز جي سمورن انفورسمنٽ خاص طور تي ايئرپورٽ ڪلڪٽريٽس کي ضبط ٿيل سون ۽ چادي جي ڊيٽا جي ڄاڻ جمع ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

ذريعن ٻڌايو آهي ته سالن کان ضبط ٿيل سون ۽ چاندي ڪليڪٽريٽس جي لاڪرز ۾ ئي پيل آهي جيڪو اسٽيٽ بينڪ جي ذخيرن ۾ جمع نه ٿيڻ سبب قومي ناڻي ۾ ظاهر نه ٿي رهيو هو.

ذريعن موجب ڪسٽمز ڪلڪٽريٽس جي مبينه نااهلي سبب ضبط ٿيل سون ۽ چاندي جي لاڪرز مان تبديلي ۽ چوري ٿيڻ جا به اطلاع سامهون آيا آهن.

 

تبصرے بند ہیں۔