اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي پارليامينٽ ميمبرن سپريم ڪورٽ ٻاهران احتجاج ڪيو ويو، پي ٽي آءِ پارليامينٽ ميمبرن مطالبو ڪيو ته باني عمران خان جا ڪيس مقرر ڪيا وڃن ۽ سندس خاندان سان ملاقات ڪئي وڃي.اپوزيشن ليڊر سينيٽ علامه راجا ناصر عباس، سلمان اڪرم راجا، عامر ڊوگر، شفيع جان، محمد حسين، شاهد خٽڪ ۽ اسيمبلي جي ٻين ميمبرن احتجاج ۾ شرڪت ڪئي.احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙن باني پي ٽي آءِ عمران خان جي ذاتي ڊاڪٽرن کان معائنو ڪرائڻ جو به مطالبو ڪيو.
تبصرے بند ہیں۔