نيويارڪ ۾ سفري پابندي لاڳو، برفباري سبب اسڪول بند

نيويارڪ:  نيويارڪ جي ميئر زهران ممداني ممڪن برفباري کي نظر ۾ رکندي نيويارڪ شهر ۾ اسڪول بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.آمريڪي ميڊيا موجب، نيويارڪ شهر ۾ مڪمل سفري پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ رات 9 وڳي کان منجهند 12 وڳي تائين غير ضروري سفر تي پابندي لڳائي وئي آهي. شهر ۾ 18 کان 24 انچ برفباري ۽ ڪجهه علائقن ۾ 28 انچ تائين برفباري جو امڪان آهي.ٻئي طرف، آمريڪا ۾ برفاني طوفان جي ڪري 11,000 کان وڌيڪ پروازون منسوخ ڪيون ويون آهن ۽ ڪيتريون ئي دير جو شڪار آهن. جان ايف ڪينيڊي ايئرپورٽ تي 42 سيڪڙو روانگي ۽ 63 سيڪڙو پهچڻ واريون پروازون منسوخ ڪيون ويون آهن.فيڊرل ايوي ايشن ايڊمنسٽريشن نيويارڪ جي هوائي اڏن تي گرائونڊ اسٽاپ وارننگ جاري ڪئي آهي، جڏهن ته نيشنل ويدر سروس آچر جي رات کان سومر جي صبح تائين برفباري ۽ تيز هوائن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

تبصرے بند ہیں۔