پشين آپريشن، آپگهاتي بمبار سميت 5 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي : سيڪيورٽي فورسز پشين ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ۾ فتنه الخارج جي پنج دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جن ۾ هڪ خودڪش بمبار به شامل هو.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر چيو ته مارجي ويل خارجي ڪيترن ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.آءِ ايس پي آر اهو به چيو ته دهشتگردن خلاف بي مثال آپريشن جاري رهندو.

تبصرے بند ہیں۔