ڪراچي: اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ پاران رمضان جي مهيني دوران اسڪولن جي ڪم جي ڪلاڪن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن موجب سنگل شفٽ اسڪولن جا ڪم جا ڪلاڪ صبح 8 وڳي کان منجهند 12:30 وڳي تائين هوندا، جڏهن ته جمعي ڏينهن سنگل شفٽ اسڪولن جا ڪم جا ڪلاڪ صبح 8 وڳي کان 11:30 وڳي تائين هوندا.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڊبل شفٽ اسڪولن ۾ صبح جي شفٽ صبح 7:30 وڳي کان 11:30 وڳي تائين هوندي ۽ جمعي ڏينهن صبح جي شفٽ صبح 7:30 وڳي کان 10:30 وڳي تائين هوندي.اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سنڌ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڊبل شفٽ اسڪولن ۾ منجهند جي شفٽ صبح 11:45 وڳي کان منجهند 2:45 وڳي تائين هوندي، جڏهن ته جمعي ڏينهن منجهند جي شفٽ صبح 11:45 وڳي کان منجهند 1:15 وڳي تائين هوندي.
تبصرے بند ہیں۔