طارق رحمان بنگلاديش جي وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻي ورتو

ڍاڪا:  بنگلاديش  جي تازين چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ بي اين پي جي سربراهه طارق رحمان وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻي ورتو.

بنگلاديش جي صدر محمد شهاب الدين جانيه سنگساد ببهابهن ڪي سائوٿ پلازه ۾ طارق رحمان کان عهدي جو حلف ورتو. طارق رحمان جي بطور وزيراعظم حلف برداري تقريب ۾ پاڪستان جي منصوبه بندي واري وزير احسن اقبال سميت مختلف ملڪن جا وزير به شريڪ هئا. جڏهن ته نون چونڊيل پارليامينٽ جي ميمبرن کان بنگلاديش جي چيف اليڪشن ڪمشنر حلف ورتو.

12 فيبروري 2026 تي ٿيل چونڊن ۾ بنگلاديش جي نيشنلسٽ پارٽي(بي اين پي) 209 سيٽون کٽي سڀني کان وڏي سياسي پارٽي جي طور تي سامهون آئي هئي جڏهن ته جماعت اسلامي ۽ اتحادين کي 77 سيٽن تي ڪاميابي ملي هئي.

ياد رهي ته آگسٽ 2024 ۾ بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد سخت عوامي احتجاج سبب استعيفيٰ ڏئي ڀارت فرار ٿي وئي هئي جنهن کان پوءِ ملڪ جون واڳون نوبيل انعام يافته معاشي ماهر ڊاڪٽر محمد يونس جي حوالي ڪيون ويون هيون.

 

تبصرے بند ہیں۔