رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ پشاور ۾ ٿيندو

پشاور:  رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اڄ اجلاس پشاور ۾ ٿيندو. انهي حوالي سان رويت هلال ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڄ رويت هلال ڪميٽي پاڪستان جو اجلاس پشاور ۾ ٿي رهيو آهي. رمضان المبارڪ جو چنڊ اڄ پشاور ۾ ڏٺو ويندو. سموري ملڪ ۾ روزو گڏ ٿيندو.

هن چيو ته جڏهن قومون متحد ٿينديون آهن ته ملڪ اڳيان وڌندا آهن. دشمن چالاڪ آهي 2 ملڪ اسان جي خلاف گڏجي ويا آهن. مئي ۾ رب پاڪ اسان کي بنيان المرصوص ۾ فتح ڏياري. بلوچستان ۽ اسلام آباد ۾ حملا ٿيا. هن چيو ته اسلام آباد ۾ سجدو ڏيندڙن تي ڌماڪو ٿيو جيڪو ڪوبه مسلمان سوچي به نٿو سگهي. باجوڙ جي مسجد ۾ ڌماڪو ٿيو دشمن جي ڪابه ايجنڊا ۽ سازش سموري پاڪستان ۾ هلڻ نه ڏينداسين.

هن چيو ته سمورن صوبن ۾ رويت هلال ڪميٽي جا اجلاس هڪ ئي وقت منعقد ٿي رهيا آهن. انشاءَالله هن ڀيري سموري ملڪ ۾ روزو هڪ ئي وقت گڏ ٿيندو.

 

تبصرے بند ہیں۔