ڍاڪا : بنگلاديش جي تازين چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن حلف کڻي ورتو آهي.12 فيبروري 2026 تي ٿيل چونڊن ۾، بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) 209 سيٽون کٽي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي طور سامهون آئي، جڏهن ته جماعت اسلامي ۽ ان جي اتحادين 77 سيٽون کٽيون.پارليامينٽ جي نون چونڊيل ميمبرن کي اڄ بنگلاديش جي چيف اليڪشن ڪمشنر حلف کڻايو. حلف کڻندڙن ۾ بنگلاديش جو ايندڙ متوقع وزيراعظم طارق رحمان ۽ جماعت اسلامي جو امير شفيق الرحمان شامل هئا.وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ هڪ پاڪستاني وفد پڻ بنگلاديش ۾ آهي جتي اهو متوقع وزيراعظم طارق رحمان جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪندو.
تبصرے بند ہیں۔