ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، پاڻي کي بطور هٿيار جي طور تي استعمال جي ڌمڪي ڏني وئي: وزيراعظم

ويانا: وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي مختلف ادارن جي وچ ۾ تعاون جي معاهدن تي صحيح واري تقريب کي خطاب ڪندي  چيو ته پاڙيسري ملڪ طرفان سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، پاڻي کي بطور هٿيار جي  طور تي استعمال ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي.

ويانا ۾ گڏيل قومن جي تحت منعقد پائيدار ترقي، عالمي امن، خوشحالي واري رستي جي عنوان هيٺ خصوصي تقريب جاري آهي. تقريب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار خطاب ڪيو. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف به خطاب ڪري رهيو آهي.

معاهدن ۾ يونيڊو پروگرام ڪنٽري پارٽنرشپ پاڪستان 2025 کان 2030 يو اين او ڊي کان يو اين ڊي او سي ڪنٽري پروگرام پاڪستان ۽ انسٽيٽيوٽ آف نيو ڪليئر ميڊيسن اينڊ آنڪالوجي لاهور جي وچ ۾ تعاون جا معاهدا شامل آهن.

وزيراعظم شهباز شريف خطاب ڪندي چيو ته دنيا کي اڄ جغرافيائي ڇڪتاڻ ۽ موسمياتي دٻاءُ جهڙا وڏا چيلنجز پيش آهن. پائيدار ترقي ئي واحد رستو آهي جيڪو عالمي امن جي ضمانت ڏئي سگهي ٿو.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو عالمي ڪاربن اخراج ۾  هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو آهي پر انهي جي باوجود پاڪستان سڀني کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي، 2022 جي ٻوڏ واريون تباهيون ۽ نقصان اڄ به اسان جي ذهنن ۾ تازه آهن. نوجوان آبادي پاڪستان جو سڀني کان وڏو اثاثو ۽ ترقي جو عظيم موقعو آهي.

وزيراعظم چيو ته پاڙيسري ملڪ طرفان سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. پاڻي کي بطور هٿيار جي طور تي استعمال ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي. هن چيو ته گڏيل قومن کي ڊگهي قطبي دنيا جي گهرجن موجب مضبوط ۽ فعال بنائڻو پوندو، جديد ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جو فائدو مخصوص طبقن تائين محدود نه پر پوري انسانيت کي ملڻ گهرجي. دنيا جي زخمن تي صرف مرهم رکڻ جي بجاءِ انهي کي جڙ کان ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

تبصرے بند ہیں۔