ڪراچي: ڪاٺوڙ جي ڀرسان موٽروي ايم نائن تي خوفناڪ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ 14 ٿي ويو آهي.پوليس موجب حادثو انصاري پل جي ڀرسان انهي وقت پيش آيو جڏهن هڪ تيز رفتار مسافر بس رانگ وي کان روڊ تي آئي جيڪا ٻئي پاسي کان ايندڙ آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجي وئي، ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻين گاڏين کي به نقصان پهتو. حادثي ۾ 13 ڄڻا فوت ۽ 6 زخمي ٿي پيا هئا.ريسڪيو اختيارين موجب حادثي ۾ زخمي هڪ ٻيو ٻار علاج دوران فوت ٿي ويو. فوت ٿي ويل ٻار جي سڃاڻپ 3 ورهين جي عمران جي نالي سان ٿي جنهن کان پوءِ حادثي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جو انگ 14 ٿي ويو. جڏهن ته 5 زخمي ماڻهو اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن.حادثي ۾ فوت ٿي ويل 12 ماڻهن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي انهي حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته قانوني ڪارروائي کان پوءِ لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويندا. وارثن موجب فوت ٿي ويل ماڻهو ڪوٽڙي کان ڪراچي شاهه لطيف ٽائون ۾ شادي جي تقريب ۾ آيا هئا، حادثو شادي جي تقريب مان واپسي تي پيش آيو.پوليس موجب حادثو غلط سائيڊ کان ايندڙ تيز رفتار بس جي آئل ٽينڪر سان ٽڪرائجڻ سبب پيش آيو جنهن تي آءِ جي موٽر وي حادثي جي فوري طور تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
تبصرے بند ہیں۔