ڪراچي: ڪراچي ۾ چورن سوناري جي دڪان جو صفايو ڪري ڇڏيو، اڻڄاتل چور دڪان مان 5 ڪروڙ کان وڌيڪ جو سون ۽ روڪ رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا.
پوليس موجب ڪراچي جي علائقي ملير سٽي ۾ قائم گهانچي مارڪيٽ مان چورن سوناري جي دڪان جو صفايو ڪري ڇڏيو جتي جوابدارن دڪان جا تالا ڪٽي سوناري جي سون جي ٽجوڙي پاڻ سان گڏ کڻي ويا.
پوليس ٻڌايو ته ٽجوڙي ۾ 850 گرام سون ۽ 15 لک روپيه روڪ رقم هئي، واقعي جي خلاف ڪيس داخل ڪري مارڪيٽ جي چوڪيدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب متاثر سوناري ٻڌايو آهي ته منهنجي دڪان مان 5 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي چوري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جوابدارن جي سي سي ٽي وي ذريعي ڳولا ڪئي پئي وڃي.
ياد رهي ته 5 ڏينهن اڳ سعيد آباد ۾ به جوابدارن سوناري جي دڪان جا تالا ڪٽي واردات ڪئي هئي، جوابدارن 40 لک روپين کان وڌيڪ جي ماليت جو سون ۽ چاندي جا زيور پاڻ سان گڏ کڻي ويا، واقعي جو ڪيس سعيدآباد ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
تبصرے بند ہیں۔