اسلام آباد: پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جي حوالي سان تجويزون سامهون اچي ويون آهن.
سڀاڻي رات جو 12 وڳي کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 257 روپيه 56 پئسا ٿيڻ جو امڪان آهي. ڊيزل جي قيمت ۾ 5 روپيه 40 پئسن تائين اضافو ٿي سگهي ٿو جنهن کان پوءِ نئين في ليٽر قيمت 273 روپيه 78 پئسا ٿي ويندي.
ذريعن موجب لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 روپيه 55 پئسا في ليٽر اضافي جو امڪان آهي جڏهن ته گاسليٽ في ليٽر 4 روپيه مهانگو ٿي سگهي ٿو. نئين قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جو حتمي اعلان وزيراعظم جي منظوري کان پوءِ ڪيو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔