نيويارڪ: آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستاني اختيارين سان بجلي جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن.
ڀروسي جوڳي ذريعن موجب آءِ ايم جي پاڪستاني اختيارين بجلي جي قيمتن تي ڳالهيون جاري آهن. آءِ ايم ايف جو چوڻ هو ته اهڙين تبديلين جو بار وچولي يا گهٽ آمدني واري طبقي تي نه پوڻ گهرجي.
آءِ ايم ايف چيو ته جائزو ورتو وڃي ته قيمتن ۾ تبديليون واعدي موجب هڪ جهڙائي رکن ٿيون يا نه ۽ ڏٺو وڃي ته مهانگائي سميت گڏيل معاشي استحڪام تي ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا.
ياد رهي ته پاڪستان جي ڪنزيومر پرائس انڊيڪس ۾ بجلي نمايان اهميت رکي ٿي جنهن جي ڪري قيمتن ۾ تبديلي انهي وقت انتهائي حساس ٿي ويندي آهن جڏهن مهانگائي هڪ اهم سياسي ۽ معاشي دٻاءُ جو نڪتو بڻيل هوندي آهي.
تبصرے بند ہیں۔