لاهور: وزيراعظم شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن ملڪي سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني.
رپورٽ موجب ملاقات جي دوران گهرو وزير وزيراعظم کي ملڪ جي گڏيل سيڪيورٽي صورتحال کان آگاهه ڪيو جڏهن ته اسلام آباد جي موجوده صورتحال تي به تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.
وزيراعظم گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ ٻين معاملن کي بهتر طريقي سان حل ڪيو وڃي. ملاقات ۾ گهرو وزير محسن نقوي جي جلد سريلنڪا جو دورو ڪرڻ بابت به ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ هو سريلنڪن صدر کي وزيراعظم جو خصوصي پيغام به پهچائيندو.
تبصرے بند ہیں۔