رت ۾ گلوڪوز ليول چيڪ ڪرڻ جي واچ متعارف

ڪراچي: ذيابيطس يعني شگردنيا ۾ عوامي صحت لاءِ سڀ کان وڏن چئلينجن مان هڪ آهي ۽ وچ اوڀر ۾ ان جا اثر خاص طور تي شديد آهن۔ انٽرنيشنل ڊائبيٽڪس فيڊريشن (آءِ ڊي ايف) جي 2024ع واري رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ 20 کان 79 ورهين جي عمر جا 58 ڪروڙ 90 لک بالغ ماڻهو شگرسان گڏ زندگي گذاري رهيا آهن، جن مان 43 سيڪڙو اڻڄاتل (ڊائگنوز نه ٿيل) آهن۔ وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا ۾ ساڍا 8 ڪروڙ بالغ ذيابيطس جو شڪار آهن، ۽ 2050ع تائين اهو انگ 92 سيڪڙو وڌي 16 ڪروڙ 30 لک ٿيڻ جو امڪان آهي۔
گلف نيوز جي رپورٽ موجب يو اي اي به هن علائقائي رجحان جي عڪاسي ڪري ٿو۔ IDF جي انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ 20 کان 79 ورهين جي بالغن ۾ ذيابيطس جي شرح 20.7 سيڪڙو آهي، جيڪا دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ شرحن مان هڪ آهي۔ زندگي جي طرز سان لاڳاپيل خطرا وڌڻ ۽ صحت جي نظام تي ڊگهي مدي وارن بيمارين جو بار وڌڻ سبب، جلد خطري جي سڃاڻپ ۽ روڪٿام قومي صحت پاليسين جون اهم ترجيحون بڻجي ويون آهن۔
بغير جراحي، وڏي پيماني تي خطري جي اسڪريننگ جي ضرورت
ذيابيطس صرف ميٽابولڪ بيماري ناهي، پر هڪ نظامي (سسٽمڪ) بيماري آهي جيڪا دل جي بيماري، فالج، اعصابي نقصان ۽ گردن جي ناڪامي جهڙين وڏين ۽ ننڍين رت واري نالين جي پيچيدگين جو سبب بڻجي ٿي۔ انهن نتيجن کان بچڻ لاءِ جلد سڃاڻپ انتهائي اهم آهي، پر روايتي جاچون جهڙوڪ HbA1c هر وقت، خاص ڪري بنا علامتن وارن ماڻهن لاءِ، آساني سان دستياب ناهن۔
صحت جا ماهر هاڻي غير جراحي ڊجيٽل بايو مارڪرز جي اهميت کي تسليم ڪري رهيا آهن، جيڪي خطري بابت آگاهي پيدا ڪري سگهن ٿا ۽ ممڪنه متاثر ماڻهن کي وڌيڪ ٽيسٽن لاءِ سڃاڻي سگهن ٿا، جنهن سان صحت جي نظام تي بار گهٽجي ٿو ۽ مريضن جا نتيجا بهتر ٿين ٿا۔ اهڙا اوزار خاص طور تي انهن ماڻهن لاءِ فائديمند آهن جيڪي باقاعده اسڪريننگ نٿا ڪرائن۔
پي پي جي ٽيڪنالاجي: حياتياتي اشارن کان خطري تائين
هوواوي جو ذيابيطس خطري جو جائزو وٺڻ وارو فيچر فوٽو پليٿيسموگرافي (PPG) تي ٻڌل آهي، جيڪا هڪ غير جراحي آپٽيڪل ٽيڪنالاجي آهي ۽ چمڙي ذريعي رت جي وهڪري ۾ تبديلين کي ماپي ٿي۔ ڪلائي يعني ويڻي تي رت جي نالين مان موٽندڙ روشني جو تجزيو ڪري پي پي جي دل جي ڌڙڪن ۽ رت ۾ آڪسيجن جي سطح جهڙا اهم سگنل ماپي سگهي ٿي۔
تازين تحقيقن مان معلوم ٿيو آهي ته ذيابيطس رت جي نالين جي اندرين پرت، خودڪار اعصابي نظام ۽ مائڪرو سرڪيوليشن تي اثرانداز ٿئي ٿي، جيڪي پي پي جي موجن تي به اثر وجهن ٿا۔ ڪجهه اڀياسن دل جي آرام واري ڌڙڪن ۽ ذيابيطس وچ ۾ گڏيل جيني لاڳاپا پڻ ظاهر ڪيا آهن، جيڪي دل ۽ ميٽابولڪ صحت جي وچ ۾ لاڳاپي کي مضبوط ڪن ٿا۔
سمارٽ واچ سينسر ٽيڪنالاجي ۾ واڌ سان، هاڻي پي پي جي کي روزمره زندگي ۾ لڳاتار ماپ ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان وڏي پيماني تي صحت جي نگراني ممڪن ٿي آهي۔
هوواوي جو ذيابيطس خطري وارو فيچر ڪيئن ڪم ڪري ٿو
هوواوي پنهنجي سمارٽ واچز ۾ جديد پي پي جي سينسر ۽ الگورٿم شامل ڪيا آهن۔ استعمال ڪندڙن کي 3 کان 14 ڏينهن تائين لڳاتار واچ پائڻ ضروري آهي۔
جائزي کان پوءِ ايپ نتيجو ڏيکاري ٿي: گهٽ خطرو، وچولو خطرو يا وڌيڪ خطرو۔ وچولي يا وڌيڪ خطري وارن ماڻهن کي صلاح ڏني وڃي ٿي ته هو طبي ماهر سان رابطو ڪري وڌيڪ ٽيسٽ ڪرائن۔
هي فيچر طبي تشخيص جو متبادل نه، پر اڳواٽ خطري بابت آگاهي ڏيڻ وارو اوزار آهي، جيڪو ضابطن جي تقاضائن مطابق آهي۔
ضابطا ۽ طبي وضاحت
هوواوي واضح ڪري ٿي ته هي فيچر طبي ڊيوائس ناهي ۽ نه ئي ذيابيطس جي تشخيص يا ڪلينڪل ٽيسٽن جو متبادل آهي۔ ان جو مقصد آگاهي ۽ روڪٿام کي فروغ ڏيڻ آهي، ۽ صارفين کي بنا فيس مهيا ڪيو وڃي ٿو۔ اهو صرف شهري استعمال لاءِ آهي، اسپتالن ۾ استعمال لاءِ نه، ۽ ڪنهن سڃاتل ضمني اثر کان پاڪ آهي۔
چين جهڙن مارڪيٽن ۾ به هن کي غير طبي فيچر طور پيش ڪيو ويو آهي، جنهن جا نتيجا صرف رهنمائي لاءِ آهن، نه علاج يا تشخيص لاءِ۔
ماهرن سان سهڪار ۽ سائنسي تصديق
ورلڊ هيلٿ ايڪسپو دبئي 2026ع ۾ شنگهائي انسٽيٽيوٽ آف هائپر ٽينشن جي ڊائريڪٽر پروفيسر جي گوانگ وانگ چيو ته ويئريبل پي پي جي تي ٻڌل ٽيڪنالاجي ابتدائي خطري جي سڃاڻپ لاءِ قابل اعتماد طريقو بڻجي رهي آهي۔ هن هوواوي سان گڏ HUAWEI WATCH D ۽ WATCH D2 جهڙين ڊيوائسز تي ڪم ڪيو آهي، جيڪي بلڊ پريشر جي نگراني لاءِ ٺاهيون ويون آهن۔
هوواوي جا صحت بابت تحقيقي مرڪز ڊونگ گوان (چين) ۽ هيلسنڪي (فنلينڊ) ۾ قائم آهن، جتي دل جي صحت، ورزش جي فزيالاجي ۽ ڊگهي مدي واري نگراني تي تحقيق ڪئي وڃي ٿي۔
يو اي اي ۽ عالمي مارڪيٽن ڏانهن حڪمت عملي
ماضي ۾ جديد ويئريبل فيچرز پهريان چين ۾ لانچ ٿيندا هئا، پر هاڻي هوواوي عالمي سطح تي هڪ ئي وقت لانچ ۽ مقامي طبي ادارن سان سهڪار ذريعي يو اي اي جهڙن ملڪن تائين تڪڙي رسائي يقيني بڻائڻ چاهي ٿو۔
هي حڪمت عملي يو اي اي جي روڪٿام تي ٻڌل صحت پاليسي ۽ ڊجيٽل تبديلي سان هم آهنگ آهي۔ مستقبل ۾ گلوڪوز مانيٽرنگ، دل جي صحت ۽ عورتن جي صحت جهڙن شعبن ۾ به مقامي ڀائيواري وڌائي ويندي۔
وڏي پيماني تي روڪٿام
هن وقت HUAWEI WATCH GT 6 Pro تي سافٽ ويئر اپڊيٽ ذريعي دستياب هي فيچر مستقبل ۾ ٻين ماڊلز تائين وڌايو ويندو۔ جيتوڻيڪ اهو ڪلينڪل تشخيص جو متبادل ناهي، پر آبادي سطح تي صحت بابت آگاهي لاءِ اهم قدم آهي۔
جيئن يو اي اي ۽ علائقي ۾ ذيابيطس وڌي رهي آهي، اهڙيون ٽيڪنالاجيون جيڪي بنا اضافي خرچ يا پيچيدگي جي ابتدائي خطري جي سڃاڻپ ۾ مدد ڪن، قومي صحت حڪمت عملين ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون۔ هوواوي جو هي قدم ڏيکاري ٿو ته ويئريبل ٽيڪنالاجي علاج بدران روڪٿام تي ڌيان منتقل ڪري روايتي صحت نظام جو ساٿي بڻجي سگهي ٿي۔

تبصرے بند ہیں۔