گهوٽڪي: گهوٽڪي جي ڀرسان لاهور کان ڪراچي ويندڙ پاڪ بزنس ٽرين جون 7 بوگيون انجڻ کان ڌار ٿي ويون.
ريلوي ذريعن موجب لاهور کان ڪراچي ويندڙ ٽرين جون 7 بوگيون ڌار ٿي ويون انجڻ بوگين کي ڇڏي ڪيترائي ڪلو ميٽر اڳيان نڪري ويو.
واقعو محمد پور جي ڀرسان پيش آيو جتي ٽرين ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. ٽرين جي بوگين کي ڌار ٿيڻ کي 4 ڪلاڪ گذري ويا پر امدادي ٽيم نه پهچي سگهي.
ريلوي اختياين جو چوڻ آهي ته مرمتي ڪم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ٽرين رواني ڪئي ويندي مرمتي ٽيم ڪم جي لاءِ رواني ڪئي وئي آهي. ٽرين کي حادثو پيش اچڻ سبب آمد رفت معطل ٿي وئي. جڏهن ته مسافر به سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا.
تبصرے بند ہیں۔