ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جو بدترين بحران، شهري رُلي ويا

ڪراچي:  ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جو بدترين بحران  پيدا ٿي ويو آهي، مرمتي ڪم جي نالي تي شهر جو وڏو حصو پاڻي کان محروم آهي، شهري پاڻي جي ڦُڙي ڦُڙي لاءِ ترسي ويا، مختلف علائقن ۾ ٽينڪرن جي ذريعي پاڻي حاصل ڪيو پيو وڃي.

واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گلشن اقبال ۾ 84 انچ قطر آب جو مرمتي ڪم مڪمل ڪيو ويو. اربع ۽ خميس کان پاڻي جي فراهمي مڪمل طور تي شروع ڪئي ويندي.

تفصيل موجب گلشن اقبال بلاڪ 19 ۾ 84 انچ قطر آب جي لائن ۾ جهول اچي ويو هو جنهن جو مرمتي ڪم سومر کان شروع ڪيو جنهن سبب ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن کان 200 ملين گيلن روزاني پاڻي گهٽ فراهم ٿي رهيو هو.

رپورٽن موجب 84 انچ جي لائن جي مرمتي ڪم سبب شهر ۾ پاڻي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. شهري پاڻي جي ڦُڙي ڦُڙي لاءِ ترسي ويا آهن. هڪ لائن جي مرمتي ڪم شهر جي مختلف علائقن ڪورنگي، لانڍي، شاهه فيصل ڪالوني، گلشڻ اقبال، گلستان جوهر، لياقت آباد، ناظم آباد، پي آءِ بي ڪالوني، صدر، اولڊ سٽي ايريا، محمود آباد، ڊفينس، گلبهار سميت ٻين شهرن ۾ چئن ڏينهن کان پاڻي جي فراهمي بند آهي.

ترجمان جو چوڻ هو ته جمعي تي مرمتي ڪم مڪمل ڪيو ويندو. پر حيران ڪندڙ طور تي اربع جي شام کان ئي مرمتي ڪم مڪمل ڪيو ويو ۽ لائنن جي چارنگ شروع ڪئي وئي، اربع ۽ خميس تائين پاڻي جي فراهمي شروع ٿي ويندي.  اها دعويٰ واٽر ڪارپوريشن طرفان ڪئي پئي وڃي پر شهر ۾ هڪ نه ٻئي ڏينهن لائين ڦاٽڻ، رسائو، بجلي جو بريڪ ڊائون معمول بڻجي چڪو آهي، شهر ۾ پاڻي کي حاصل ڪرڻ شهرين جي لاءِ مشڪل ٿي ويو آهي، جنهن کان پوءِ شحري مهانگي اگهن تي ٽينڪرز خريد ڪرڻ تي مجبور آهن.

ڪراچي ۾ پاڻي جو بحران روز جو معمول بڻيل آهي، شهر جو اهم مرڪز سوڪ سينٽر جتي ٻن ڏينهن کان پاڻي جي فراهمي بند آهي، جتي ملازمن ۽ رهواسين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. مسجدن ۾ به وضو جو پاڻي به نه آهي جڏهن ته متاثر علائقن ۾ به ساڳئي صورتحال آهي.  84 انچ جي لائن جي مرمتي ڪم سبب لانڍي ۽ شير پائو هائيڊرنٽس مان به پاڻي جي فراهمي بند آهي. جڏهن ته صفوره ۽ نيپا چورنگي مان به شهرين کي پاڻي جي فراهمي سخت متاثر آهي.

واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪراچي واٽر ڪارپوريشن شهر جي مرڪزي پاڻي جي لائين جي مرمتي ڪم کي ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو آهي، مرمتي ڪم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن مان پاڻي جي فراهمي بحال ڪئي وئي آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔