وزيراعظم پاران مسجد خديجته الڪبريٰ جي شهيدن جي وارثن کي 50 لک روپيا في ماڻهو امداد جو اعلان

اسلام آباد:  وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ دهشتگردي جو نشانو بڻيل مسجد خديجته الڪبريٰ جو دورو ڪيو.

انهي موقعي تي وزيراعظم چيو ته انهي واقعي کان بدترين بربريت جي ٻي ڪابه مثال نه آهي. اهو واقعو وڇوٽيون پيدا ڪرڻ جي سازش هئي جيڪا ناڪام ٿي وئي آهي.

شهباز شريف شهيدن جي وارثن کي 50 لک روپيه في ماڻهو امداد ڏيڻ جو  اعلان ڪيو. انهي کان علاوه هن سخت زخمين کي 30 لک ۽ معمولي زخمين کي 10 لک روپيه في ماڻهو ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

وزيراعظم آپگهاتي حملي کي روڪيندڙ عون عباس شهيد جي به گهر به ويو جتي هن عون عباس جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ سندس بهادري جي تعريف پڻ ڪئي.

 

تبصرے بند ہیں۔