ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته دنيا جو ڌيان سنڌ طرف انهي لاءِ آهي ڇو ته صوبائي حڪومت مشڪل حالتن ۾ به عملي نتيجا ڏنا آهن.
ڪراچي ۾ ايشيا پيسفڪ شيلٽر اينڊ سيٽلمنٽس فورم 2026 کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته 2022 جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي دوران سنڌ جو 70 سيڪڙو حصو پاڻي جي هيٺ آيو، 21 لک گهر متاثر ٿيا جنهن جي نتيجي ۾ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا. انهي بحران کان پوءِ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هر متاثر خاندان کي مضبوط ۽ باوقار گهر فراهم ڪرڻ جو ارادو ڪيو.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته شروعات ۾ وسيلن جي گهٽتائي سبب اهو حدف ناممڪن نظر اچي رهيو هو پر ارادي ۽ بهتر حڪمت عملي جي ذريعي منصوبي جي شروعات ڪئي وئي. هڪ هفتي جي اندر عالمي بينڪ مالي مدد جي حامي ڀري جنهن کان پوءِ عالمي ڪانفرنس جي ذريعي مختلف ڊونر ادارن جي خدمت حاصل ڪئي وئي.
مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز منصوبو هاڻ دنيا جو سڀني کان وڏو هائوسنگ ريڪنسٽرڪشن پروگرام بڻجي چڪو آهي لکين گهرن جي تعمير جو عمل جاري آهي. هن چيو ته انهي ماڊل جي خاص ڳالهه اها آهي ته ڪمزور طبقي، خاص طور تي عورتن کي گهر جي ملڪيت ڏئي انهن کي بااختيار بنايو ويو جنهن سبب سماجي تبديلي کي هٿي ملي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ماحولياتي تبديلي هڪ عالمي حقيقت آهي سنڌ پنهنجا تجربا دنيا سان شيئر ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي ته جيئن گڏيل طور تي پائيدار ۽ محفوظ رهائش جا حدف حاصل ڪري سگهجن.
ايشيا پيسفڪ شيلٽر فورم 2026 ۾ خطاب ڪندي خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري چيو ته محفوظ رهائش صرف هڪ ماڊي ضرورت نه پر وقار، موقعا ۽ استحڪام جي بنياد آهي. هن چيو ته فورم شيلٽر ۽ پائيداري جي اهم سوال تي متنوع آرا کي گڏ ڪري رهيو آهي. جڏهن ته ايشيا پيسيفڪ خطو، موسمياتي تبديلي سبب سخت متاثر ٿي رهيو آهي. ٻوڏ، طوفان، زلزلي ۽ سخت گرمي لکين خاندانن کي بي گهر ڪري رهي آهي انهي لاءِ ماحولياتي پائيداري کي رهائشي منصوبن جي رخن ۾ شامل ڪرڻو پوندو.
آصفه ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته رهائش صرف هڪ ڇت نه پر صحت، تعليم ۽ سماجي استحڪام جي بنياد آهي. هن زور ڏنو ته محفوظ گهر جو اثر عورتن ۽ ٻارن تي خاص طور تي گهرو ٿيندو آهي جڏهن گهر، زمين عورتن جي نالي ڪئي ويندي آهي ته انهن جو وقار تحفظ ۽ مالي شموليت مضبوط ٿيندي آهي.
هن سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ افيڪٽيز پروگرام کي هڪ موثر مثال قرار ڏيندي چيو ته 2022 جي ٻوڏ کان پوءِ شروع ڪيل اهو منصوبو ماحولياتي مضبوط گهرن جي تعمير جي ذريعي لکين ماڻهن کي فائدو پهچائي رهيو آهي هن موجب اها بحالي صرف ڍانچه سازي نه پر زندگين ۽ مستقبل جي بحالي آهي.
خاتون اول چيو ته پائيدار ڳوٺ سماجي هم آهنگي، اعتماد ۽ ڀائيواري جي ذريعي تيار ٿيندا آهن. عورتن کي منصوبن جي مرڪز ۾ رکڻ سان پورو معاشرو مضبوط ٿيندو آهي. هن انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته فورم جي ڪاميابي بيانن ۾ نه پر زمين تي بهتر زندگين ۾ نظر اچڻ گهرجي.
آخر ۾ آصفه ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي مڪالمي کان اڳيان وڌي اهڙي حل تي عمل ڪرڻو پوندو جيڪو سستي، مقامي، ماحولياتي طور تي مضبوط ۽ ڪمزور طبقن کي شامل ڪندڙ هجن ته جيئن هر ٻار محفوظ ۽ هر عورت وقار سان زندگي گذاري سگهي.
تبصرے بند ہیں۔