ڏکڻ آفريڪا وومين هٿان ٽي 20 ۾ پاڪستان کي شڪست

پوچيفسٽروم : ڏکڻ آفريڪا وومين ٽيم پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان کي پنجن وڪيٽن تان شڪست ڏني، پاڪستان ڪپتان فاطمه ثنا جي 90 رنسن جي بدولت 9 وڪيٽن تي 180 رنسون ٺاهيون، ميزبان ٽيم آخري بال تي هدف حاصل ڪيو.پوچيفسٽروم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان جون ڇهه وڪيٽون صرف 64 رنسن تي ڪري پيون، ان موقعي تي ڪپتان فاطمه ثنا شاندار اننگز کيڏي ۽ صرف 41 بالن تي 90 رنسون ٺاهي ٽيم جو اسڪور نو وڪيٽن تي 180 رنسن تائين پهچايو.ڏکڻ آفريڪا آخري بال تي پنجن وڪيٽن تي هدف حاصل ڪيو، ڪپتان لاورس والوارٽ 61 رنسون ٺاهي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري.ڏکڻ آفريڪا وومين ٽن ميچن جي سيريز ۾ هڪ صفر جي برتري حاصل ڪئي.

تبصرے بند ہیں۔