قومي اسيمبلي اجلاس: اسپيڪر ڪورم جي نشاندهي نظر انداز، ڪيترائي بل منظور

اسلام آباد:  قومي اسيمبلي اجلاس جي دوران اسپيڪر قانونسازي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو، جڏهن ته اپوزيشن ميمبر اقبال آفريدي مسلسل ڪورم پورو نه ٿيڻ جي حوالي سان آواز اٿاريندو رهيو.

اسپيڪر چيو ته هڪ ڀيرو ڪورم جي نشاندهي ٿي چڪي آهي، ڳڻپ به ٿي چڪي آهي. اسپيڪر طرفان اقبال آفريدي جي مائيڪ تي ڪورم جي نشاندهي ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان پاسو ڪيو ويو.  جي يو آءِ به قانونسازي جي مخالفت ڪري رهي آهي. ايوان ۾ هن وقت 66 ميمبر موجود آهن جڏهن ته ڪورم جي لاءِ 66 ميمبرن جي موجودگي ضروري آهي. اپوزيشن ميمبر اقبال آفريدي احتجاج طور ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويو.

قانونسازي جي دوران بنا ڪورم صرف 6 منٽن ۾ 6 قانون منظور ڪيا ويا. جن ۾ نئين پاڪستان هائوسنگ، ڊوالپمينٽ اٿارٽي ترميمي بل 2026، وفاقي راڄڌاني اسلام آباد بزرگ شهري ترميمي بل 2025، پاڪستان شهريت ترميمي بل 2025، ڀُنگ ڪنٽرول ۽ انضباطي اٿارٽي ترميمي بل، نالا ۽ نشان پاڪستان غير مجاز استعمال جي پابندي بل 2026، قومي محافظ خانه دستاويزات ترميمي بل 2026 شامل آهن. اهي بل پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير پيش ڪيا.

 

تبصرے بند ہیں۔