پشاور: پاڪ-افغان سرحد جي ڊگهي بندش ۽ سرحدي واپار ۽ ٽرانزٽ جي معطلي جي ڪري خيبر پختونخواه انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس (آءِ ڊي سي) جي لحاظ کان سخت مالي نقصان کي منهن ڏئي رهيو آهي.خيبر پختونخواه روينيو اٿارٽي موجب، هلندڙ مالي سال دوران IDC جي وصولي ۾ نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.خيبر پختونخواه حڪومت سخت آمدني جي خساري، معاشي جمود ۽ روزگار جي بحران تي وفاق سان رابطو ڪيو آهي.خط ۾ صورتحال جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي وفاقي ۽ صوبائي اسٽيڪ هولڊرز جي اعليٰ سطحي اجلاس سڏائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.انگن اکرن موجب، گذريل مالي سال 2024-25 ۾ جولاءِ کان جنوري تائين 7 مهينن ۾ ڪل آمدني 7.42 ارب رپيا هئي، جيڪا مجموعي اندازي کان 4 ارب رپيا گهٽ آهي.
تبصرے بند ہیں۔