اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جو ايڪس اڪائونٽ بند ڪرڻ جي درخواست بابت پي ٽي اي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.
رپورٽ موجب عمران خان جو ايڪس اڪائونٽ بند ڪرائڻ جي لاءِ حڪومت طرفان ساڍن ٽن سالن کان ڪوششون ڪيون پيون وڃن جنهن جي تحت 21 آگسٽ 2022 تي پي ٽي اي عمران خان جو اڪائونٽ بند ڪرڻ لاءِ ايڪس کي خط لکيو جڏهن ته توشه خانه، سائفر ۽ عدت ڪيس ۾ سزائن جو حوالو ڏئي 18 اپريل 2024 تي درخواست لکي وئي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 27 نومبر 2025 تي عمران خان جا 47 نوٽيس بلاڪ ڪرڻ لاءِ ايڪس کي خط لکيو ويو. ساڍن 3 سالن ۾ 3 ڀيرا پي ٽي اي خط لکيو پر ايڪس درخواست رد ڪري ڇڏي جڏهن ته 27 نومبر 2025 جا 47 ٽوئٽس بلاڪ ڪرڻ جي درخواست مان ايڪس هڪ ٽوئٽ بلاڪ ڪئي.
رپورٽ موجب پي ٽي اي سوشل ميڊيا ڪمپنين کي پاڪستان ۾ اٿارٽي سان گڏ رجسٽر ڪرائڻ جو چيو پر سوشل ڪمپينيون نه رجسٽرڊ ٿيون ۽ نه پاڪستان ۾ ڪو فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته پنهنجن ملڪن ۾ رجسٽرڊ سوشل ميڊيا ڪمپنيون ٻين ملڪن جي قانون کي پاڻ پابند نٿيون سمجهن. سوشل ميڊيا ڪمپنيون ٻين ملڪن جون شڪايتون به پنهنجي قانون موجب ڏسنديون آهن.
تبصرے بند ہیں۔