ڪراچي: ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ جاويد نبي کوسو چيو آهي ته گل پلازه ۾ ملبي جي هيٺيان امڪاني لاشڻ کي ڪڍڻ جي لاءِ آپريشن جاري آهي.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ڊي سي سائوٿ ٻڌايو ته گل پلازه ۾ 55 کان 60 ماڻهن فوت ٿيا جن مان 46 ڄڻن جو پوسٽ مارٽم ٿي چڪو آهي جڏهن ته 86 ڄڻا اڃان تائين گم آهي.
ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته ملبي جي هيٺيان امڪاني لاشن کي ڪڍڻ جي لاءِ آپريشن جاري آهي، مشينري جي ذريعي ملبو هٽائڻ جو ڪم عارضي طور تي روڪيو ويو آهي. عمارت ۾ ريسڪيو اهلڪار ٻيهر داخل ٿيا آهن، مشينري جي استعمال سان عمارت جي ڪرڻ جو امڪان آهي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته پوري عمارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر سرچ ڪيو پيو وڃي. ملبي سبب عمارت جي ڪرندڙ حصن ۾ سرچنگ نٿي ڪري سگهجي. ملبو هٽائڻ کان پوءِ ڪرندڙ حصي ۾ سرچنگ جو عمل ڪيو ويندو. ڊي سي چيو ته لاشن ۽ انهن جي گهر ڀاتين جا ڊي اين اي سيمپل ورتا پيا وڃن. ڪجهه عضوا اهڙا آهن جن جو ڊي اين اي مشڪل آهي.
ڊپٽي ڪمشنر چيو ته عمارت جا دروازا ڇو بند ٿيا هئا انهي جي جاچ ڪري رهيا آهيون. جاچ بابت مختلف ماڻهن جا بيان ورتا ويا آهن انهي کان علاوه جن عمارتن ۾ فائر سيفٽي انتظام نه آهن انهن کي نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون. فائر سيفٽي نه هجڻ تي 6 عمارتن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.
تبصرے بند ہیں۔