ڪوئٽه: ڪوئٽه سميت بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ برسات ۽ برفباري سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي. زيارت، ڪوڙڪ، ٽاپ، پراڻا چمن، شيلا باغ ۾ برفباري پئي جڏهن ته ڪوڙڪ ٽاپ تي برفباري سبب چمن، ڪوئٽه، ڪراچي شاهراهه تي ٽريفڪ متاثر رهي. اين ايڇ اي طرفان هيوي مشينري ذريعي برف هٽائڻ جو ڪم جاري آهي. انهي کان علاوه چمن ۾ کنوڻ سان تيز برسات ۽ طوفاني هوائن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.
موسميات کاتي اڄ مٿانهين خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ تيز برسات ۽ جابلو علائن ۾ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي آهي جڏهن ته اسلام آباد، پنجاب ۽ سنڌ ۾ به وقفي وقفي سان برسات پئجي سگهي ٿي. ٻئي طرف ڪراچي ۾ اڄ ٻنپهرن کان شام تائين برسات جو امڪان آهي. نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي اترين علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جي امڪان سبب ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
تبصرے بند ہیں۔