ڪراچي: سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ، خاص طور تي ڪراچي شهر ۾ اليڪٽرڪ بسون متعارف ڪرايون آهن. هي ويزن پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ سنڌ حڪومت جو آهي. اسان کان پوءِ پنجاب حڪومت به اي وي بسون شروع ڪيون. اسان رڳو اي وي بسون تائين محدود نه رهياسين، پر اي وي اسڪوٽيز بھ شروع ڪيون ۽ هاڻي اي وي ٽيڪسيون شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون.سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته آئون سدائين ڪابينا ۾ اي وي گاڏين جي حمايت ڪندو آيو آهي. اهڙي حڪمت عملي ٺاهڻي پوندي جنهن سان پيٽرول جي بچت ممڪن ٿي سگهي.هن جو چوڻ هو ته 5000 بسون تمام وڏو تعداد آهي. ايتريون بسون آڻڻ ۾ وقت لڳندو، ڇو ته اهي جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ۽ مهانگيون آهن، جڏهن ته انفراسٽرڪچر جا مسئلا به آهن،هن چيو ته ٽرانسپورٽرن جي هڙتال مختلف سببن جي ڪري هئي.
تبصرے بند ہیں۔