لاهور: پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز لاهور کي ٻن ضلعن ۾ ورهائڻ واري وڏي فيصلي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب بسنت کان پوءِ لاهور جي انتظامي ري اسٽرڪچرنگ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن جو مقصد وڌندڙ انتظامي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ ۽ شهري گورننس کي بهتر بنائڻ آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته لاهور کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ سان ڊپٽي ڪمشنر، پوليس انتظاميه ۽ ميونسپل نظام ڌار ٿي ويندو. جنهن سان ٽريفڪ، حددخليون، بلدياتي مسئلا ۽ عوامي شڪايتن جي فوري ازالي ۾ مدد ملندي. نئين انتظامي سيٽ اپ جي تحت سروس ڊليوري کي تيز، موثر ۽ عوام جي ويجهو آڻڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب وزيراعليٰ جي هدايت تي لاڳاپيل کاتن کي فوري طور تي تياري مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ته جڏهن ته 9 فيبروري تي لاهور کي ورهائڻ جي حوالي سان فالو اپ اجلاس به طلب ڪيو ويو آهي.
تبصرے بند ہیں۔